ناظم جوکيو ڪيس: جوابدارن جي ضمانت ۾ 8 ڊسمبر تائين واڌ

0
209
شهيد ناظم جوکيو قتل

ملير: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ملير جي عدالت ۾ پڪي ضمانت حاصل ڪرڻ لاء چار ملزم پيش ٿيا. پيش ٿيلن ۾ دودو سالار , سليم سالار ,سومار ۽ اسحاق شامل هئا

مدعي جي وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر جا دليل مڪمل ٿي ويا. فريادي جي وڪيل چيو ته ملزم سومار , دودو ۽ ٻيا ناظم کي وٺڻ آيا , ملزم اسحاق ناظم جوکيو جي خاندان کي گهرائي قتل جو اطلاع ڏنو جنهن مان ملزم جي قتل ۾ شراڪتداري ظاهر ٿئي ٿي

عدالت چئني ملزمن جي ضمانت ۾ 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، جاچ آفيسر سراج لاشاري چيو ته پوسٽ مارٽم جي فائنل رپوٽ ۽ موبائل جي فارنزڪ رپورٽ اڃا تائين ناهي ملي.  عدالت پاران ملزمن جو ڪال ڊيٽا رڪارڊ ۽  موبائل فون لوڪيشن رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.