ڪوهاٽ ويجهو اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڪارروائي، 400 ڪلو چرس هٿ

0
363
ڪوهاٽ ويجهو اينٽي

ڪراچي(م ڊ) ڪوهاٽ ويجهو اينٽي نارڪوٽڪس فورس ٽرڪ مان 400 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ترجمان موجب لاچي ٽول پلازه ڪوهاٽ ويجهو ڪارروائي دوران ٽرڪ مان چرس هٿ ڪئي وئي آهي

ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽرڪ جي پٺيءَ ۾ ٺهيل فرش جي لڪايل خاني مان چرس جا 400 ڪلو کان وڌيڪ پيڪيٽ هٿ ڪيا ويا آهن، منشيات افغانستان مان پاڪستان اسمگل ڪئي پئي وڃي