ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ڳوٺ جنهاڻ سومرو جي پنڃاري  واهه ۾ گذريل ڏهاڙي ٻڏي ويل لاهور واسي 31 ورهين جي عمير آرائين جو لاش 18 ڪلاڪ گذرڻ بعد مقامي ٽوٻن جي مدد سان هٿ اچي ويو، وارثن پاران ضروري ڪارروائي لاءِ مڙهه کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد وارث مڙهه کي کڻائي لاهور روانا ٿي ويا، فوتي عمير آرائين لاهور کان هتي گهمڻ لاءِ آيل هو خميس واري ڏينهن پنڃاري واه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو هو.