برسلز(م ڊ) يورپي يونين ايران جي اخلاقي پوليس گشت ارشاد، اطلاعات واري وزير ۽ پاسداران انقلاب جي سائبر ڊويزن بسيج مليشيا تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. اهو فيصلو مهسا اميني جي قتل بعد ٿيندڙ احتجاج کي دٻائڻ لاءِ ڪيل ڪريڪ ڊائون جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن ايران ۾ افراتفري، دهشتگردي ۽ تباهي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي.