ٽنڊو آدم (ن پ ا) عمراڻي ۽ خاصخيلي ڌرين ۾ خوني تڪرار، عمراڻي ڌر منٿ ميڙ قافلو وٺي تڏو بخشرائڻ خاصخيلي ڌر وٽ پهچي وئي، رپورٽ موجب زمين جي مالڪي تان عمراڻي ۽ خاصخيلي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري بعد عمراڻي برادري جو منٿ ميڙ قافلو زاهد عمراڻي، ڊاڪٽر يعقوب عمراڻي، عبدالواحد عمراڻي، ڪرم عمراڻي ۽ امينن  شڪيل مري ۽ ذوالفقار زرداري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي پهچي چڱي مڙس نبي بخش خاصخيلي ۽ مقتول اياز خاصخيلي ۽ جمن خاصخيلي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ دعا گهري، جڏهن ته وارثن کين مان ڏيندي بخش ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو فيصلو ٿيو هو، جنهن ۾ عمراڻي ڌر تي ٻن خونن جو  ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مٿن 60 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو هو.