سکر (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف سکر جي اڳواڻ ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. تحريڪ انصاف سکر ضلعي جي صدر ايڊووڪيٽ ظھير بابر طرفان داخل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته مريم نواز پاڪ فوج ۽ معزز عدليا خلاف جلسن ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪري رھي آھي، اعليٰ ادارن خلاف نفرت ڦھلائي رھي آھي تنھن ڪري مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.