اسلام آباد: سپريم ڪورٽ هي ڪيس ٻڌڻ لاء پهرين 9 رڪني بينچ جوڙي جيڪا بعد ۾ 5 ججن تي محدود ٿي وئي ۽ 4 جج ڌار ٿي ويا. مطالبن باوجود جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود کي بينچ ۾ شامل نه ڪيو ويو.  گذريل ڏينهن ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ ٽٽي وئي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کانسواءِ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي به ٻڌڻي کان معذرت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ 5 رڪني بئنچ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل هئا.