اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران مختلف ميمبرن پاران اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي مذهبي مامرن جي وزير سينيٽر طلحه محمود چيو ته حج آپريشن ۾ مصروف تمام ملازمن کي صاف چئي ڇڏيو آهي ته جنهن سعودي ۾ چوري ڪئي ان جا هٿ ڪٽڻ جي سفارش ڪندس،  هن چيو ته واضح اعلان ڪيان ٿو ته ڪنهن کي به مفت حج نه ڪرائيندس نه ئي ڪنهن کي وي آءِ پي پروٽوڪول حج ڪرائيندس، پارليامينٽ جا ميمبر هجن يا ڪير به هجي ان کي عام حج پانڌيئڙن سان گڏ رهڻو پوندو، وفاوزير طلحه محمود چيو ته آب زم زم پهريان به مفت هو هاڻي به مفت آهي، سعودي عرب جي حڪومت آب زم زم جي پيڪنگ جي رقم وٺي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي 8000 ڪوٽا سرنڊر ڪرڻي پئجي رهي آهي، جيڪڏهن اسان سرنڊر نه ڪنداسين ته 8 هزار حج پانڌيئڙن جي رهائش، کاڌي، ٽرانسپورت ۽ ٻي مد ۾ رقم ادا ڪرڻي پوندي، 34 ملين ڊالر ناڻي وزارت کان گهرائڻا پوندا.