گمبٽ/ اڳڙا/ راضيديرو (نمائندن وٽان) اڳڙا جي ڪچي واري علائقي محبوب ڪلهوڙو ٿاڻو جي حد ڳوٺ غلام نبي بهليم ۾ زمين جي مالڪيءَ تان انڙ ۽ بهليم ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار تان تيز، فائرنگ، 2 نوجوان قتل، 3 ڄڻا زخمي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۽ علائقي ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو. تفصيل موجب اڳڙا ڀرسان ڪچي واري علائقي محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڪافي عرصي کان بهليم ۽ انڙ ڌرين هلندڙ زميني تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڪرُ کنيو. گذريل ڏينهن هٿياربندن گوليون هڻي ٻن ڄڻن لال بخش بهليم ولد بخش علي ۽ شهزادو بهليم کي قتل ڪري ڇڏيو. زميني تڪرار تان مختلف وقتن تي ٿيل جهيڙن دوران قتل ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو.  هليم ٿاڻو ڳوٺ ڀرسان موجود هجڻ باوجود پوليس ڌرين ۾ ويڙهه کي روڪي نه سگهي. رات دير سان شروع ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون. جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي. ڌرين طرفان هلندڙ فائرنگ سبب پوري علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو. ڌرين ڌ هڪ ٻئي تي اڳرائيءَ جا الزام هنيا آهن. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو. نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. ڳوٺ غلام نبي بهليم ۾ ٽي هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي مالڪيءَ تان هلندڙ جهيڙو رڪجي نه سگهيو. مختلف وقتن تي ٿيل جهيڙن دوران هن وقت تائين ٻنهي 5 ماڻهو مارجي چڪا آهن. گذريل ڏينهن جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب لعل بخش بهليم شهزادو بهليم موت جو کاڄ بڻجي ويا. ٻنهي مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. رابطي ڪرڻ تي قتل ٿي ويل شهزادو بهليم جي پٽ منير بهليم ٻڌايو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي زمين تي ڪجهه سالن کان ڏاڏو الهه بخش انڙ ۽ سانول خان انڙ طرفان قبضو ڪرڻ سبب جهيڙو هلي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو والد شهزادو ۽ لعل بخش بهليم مارجي ويا آهن. هن چيو ته ڏاڏو الهه بخش انڙ روپوش ڌاڙيلن هٿان حملو ڪرائي اسان جا ماڻهو قتل ڪرايا آهن. هوڏانهن الزام هيٺ آيل الهه بخش انڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان پٽ سميت ڪراچي ۾ موجود آهيان. ٻن ڄڻن جي قتل سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي. بهليم ڌر پنهنجا ماڻهو پاڻ ماري ڊرامو ڪيو آهي. هوڏانهن محبوب ڪلهوڙو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قتل ٿيل لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيا آهن. معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. واضح رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار دوران مجموعي طور 5 ڄڻا قتل ۽  13 زخمي ٿي چڪا آهن.