ڄام شورو (رپورٽر) مخدوم خليق الزمان جي اڄ پهرين ورسي آهي، ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ مخدوم خليق الزمان جي پهرين ورسيء تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مخدوم خليق الزمان سياست کان علاوه  علمي ۽ ادبي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ رکندڙ هو هن ڪيترائي ڪلام لکيا آهن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته مخدوم خليق الزمان ايم آر ڊي تحريڪ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ هن جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف نه وسارڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو. مخدوم خليق الزمان شهيد ڀٽو جي سياسي وارث محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ نه ڇڏيو . مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته جڏهن 1983ع  ۾ ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته مخدوم خليق الزمان کي گرفتار ڪري کيس تقريبن ساڍا اٺ سال قيد رکيو ويو،  کيس بار بار  لالچون ڏنيون ويون ته هو معافي نامو لکي يا وري ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي پر مخدوم خليق الزمان  چيو ته سر ڪٽجي سگهي ٿو پر هڪ آمر سان ٺاهه نٿو ڪري سگهجي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته مخدوم خليق الزمان ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته مخدوم خليق الزمان شاعري جي شروعات 1972 کان ڪئي، مخدوم طالب الموليٰ سائين سندن استاد هئا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته مخدوم خليق الزمان جهڙيون شخصيتون صدين ۾  پيدا ٿينديون آهن، هو هڪ اصول پرست شخص ۽ عوامي هيرو هو.