ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ڪتابن جي ناليوارو ليکڪ ، اديب اياز پاٽولي ڪجھه عرصو علالت ۾ رهڻ کانپوءِ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ، سندس وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت طرفان 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو ، سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب لاءِ پوري حياتي ارپيندڙ 300 کان وڌيڪ ڪتابن جي ليکڪ شاعر اياز پاٽولي جگر ، ڦڦرن ۽ ساھ جي تڪليف جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃڻ کانپوءِ نيٺ زندگي موت سان جنگ ڪندي هن فاني دنيا مان 85 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو ، سندس ميت کي شهر جي پاٽولي پاڙي مان کڻي سندس ابائي قبرستان مولو جي مقام ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، سندس جنازي نماز ديني عالم مخدوم علي رضا ادا ڪئي ، جنازي ۾ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي ، ضلعي رابطا سيڪريٽري آغا جان آغا ، شاعر نثار ناز ، نوشاد ڀٽي ، محمد جمن ڪيهر ، تاجران فيڊريشن جي صدر حاجي محمد اسماعيل ميمڻ ، محمد صديق ڇيپه ، محمد عيسى کٽي سميت علائقي جي اهم سياسي سماجي ادبي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ،  سنڌي ادب جي مهان اديب اياز پاٽولي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب لاءِ 300 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپائڻ سان گڏ ادارا گلشن ادب جو سربراھ رهيو ، ته وري سنڌي ادبي بورڊ ، سنڌ الاجي ۽ ٻين ڪيترن ادارن ۾ سنڌي ادب جي رسالن ۾ سندس هزارين لکڻيون پڻ ڇپيل آهن  سنڌي ٻولي جي ڪيترن ڪتابن کي مرتب ڪرڻ جو کيس اعزاز حاصل رهيو .