گھارو (ن پ ا) گهارو نئين آبادي جي رهواسي جو انوکو احتجاج  بجلي جي پول تي چڙھي ويو، نئي آبادي گهارو جو رهائشي  نوشاد لغاري آر اي ڪئمپ ڀرسان هائي ٽينشن پول تي چڙھي ويو. جيڪو هيٺ لهڻ لاء تيار ئي نہ ھو 2 ڪلاڪ ھمراھ پول تي چڙھيل رھيو ڪنھن بعد پوليس ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه پھچي وئي جنھن کان پوء  ماڻھن ۽ انتظاميا جي منٿن بعد پول تان لھي آيو. نوجوان ٻڌايو  ته منهنجي نياڻي ستن سالن کان سعودي عرب ۾ رهي ٿي ڪنھن  شخص منهنجي پاسپورٽ ۾ ھير ڦير ڪري ڇڏي آھي جنهن سبب آئون سعودي عرب نٿو وڃي سگهان. مون کي سعودي عرب روانو ڪيو وڃي ته جيئن آئون پنهنجي نياڻي سان ملي سگهان يا منھنجي نياڻي کي پاڪستان پھچايووڃي  ٻئي صورت ۾ مان خودڪشي ڪندوس.