رئيس وڏو ڪجهه گاڏيون ساڻ ڪري پنهنجي تڪ جي برسات متاثر ڳوٺن ڏانهن نڪري پيو….
گاڏين ۾ سامان گهٽ واندا ۽ واٺا گهڻا ويٺل هئا….
گاڏين ۾ رکيل راشن ۽ ٻيو سامان پنهنجو خريد ڪونه ڪيو هئائين سياست ۾ هجڻ ڪري سرڪار کان ڇڏايو هئائين….
اليڪشن مٿان هجڻ ڪري پنهنجي پت بچائڻ خاطر بي گهر ٿيل ووٽرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿيو هو….
رستي ۾ رئيس ڪمدار کي هدايت ڏيندي چيو ته: اڙي گلو انهن ڇورن کي هوشياري ڏياري ڇڏ جيئن ئي ڳوٺن جي متاثرن ۾ سامان ورهايون ته فوٽو ۽ وڊيو ڀرڻ ۽ سوشلڙي ميڊيا تي رکڻ ۾ دير نه ڪن ڇو ته پنهنجي عزت جو سوال آهي….
ڪمدار خوشامد واري لهجي ۾ رئيس کي خاطري ڪرائيندي چيو: وڏا! تون اصل بي فڪرو ٿي مان ڇورن کي اهڙو تيار ڪيو آهي جو وڃي ٿيندا ست خير… تون رڳو پهچي پنهنجي هٿن مبارڪن سان پينن ۾ سامان ورهاءِ ۽ پوءِ ڏس ته فيس بوڪ تي ڪيئن ٿا تنهنجي شان مان ۽ سخاوت جا گيت گونججن…ڪمدار جي تسلي واري ڳالهه ٻڌي رئيس جي منهن تي فاتحانا مرڪ تري آئي ۽ هن پنهنجي هيٺ لهي آيل شهپرن کي مٿي وٽڻ شروع ڪيو…