ڍئو بنا ڍولا، ناهي ساڃاھه سونهن جي!‎‎

لاڙ جي سارين جي سڳنڌ جهڙا دوست اميد ته مينهن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ به هماليا جي ٽڪرين جيان مضبوط هوندي پر وري سوچيائين ٿي ته جتي ڌرتي ڌڻين جون حياتيون پاڻيءَ جي ور چڙھي پاڻي ٿي وڃن اتي ڀلا ڪٿي سک سان ستو هوندين. هانءُ ڇڄي پيو هوندئي. حساس ماڻھو کي سماج  جي ماڻھن جو ننڍو الميو به لوڏي ڇڏيندو آھي، هتي ته ڌرتي ڌڻين جا ٻچا ۽ اجها لڙھي ويا آھن، سڄي سال جي بک کي منهن ڏيڻ لاءِ فصل تباھ ٿي ويا آھن. انهن حالتن ۾ تون ڌرتي وارن لاءِ تڙپيو هوندين، سڏڪيو هوندين، مون کي يقين آھي ته ڌرتي ڌڻين جي اهنجن ۽ سورن کي تو پنهنجا سور سمجهي ڌرتي جي آجپي ۽ جياپي لاءِ دعائون گهريون هونديون ته مولا هنن مارو ماڻھن، لطيف، سچل ۽ سامي جي ڌرتي وارن جي پارت اٿئي. گل! هي ڌرتي ڌڻي آخر ڪيسيتائين اٽي، لٽي ۽ اجهي کان محروم رهندا؟ گل، ڌرتي ڌڻي آخر ڪيسيتائين وقت کان موت جي منهن ۾ ڌڪجندا رهندا؟ ٻڌاءِ نه گل! ڌرتي ڌڻي آخر ڪيسيتائين پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙھندا رهندا؟ ڇا هر ڀيري ٻوڏ ۽ سوڪ هنن ماڻھن جو مقدر بڻيل آھي؟ گل، ڪالھ رات گهر کاڌي جي ٽيبل تي چڪن برياني کائيندي جڏهن ٻوڏ متاثر ٻن ٻارن جي ٽي وي تي هڪ وڊيو ڪلپ ڏٺم ته ننڍڙا ٻار پٽ تان چانور ميڙي کائي رهيا هئا ته برياني زهر پي لڳي، هڪ به گرهه نڙيءَ هيٺان ڪو نه لٿو، اکڙيون ڳوڙھن سان ڀرجيون آيون. اياز پي ڳايو:

سدا آھي ساھ کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍئو بنا ڍولا، ناهي ساڃاھ سونهن جي!

فقط تنهنجي سنڌو.

غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول

ڳوٺ دٻي نبن شاهه!

جديد دنيا جا مسئلا به جديد ئي هوندا آهن پر افسوس جي ڳالهه ته هن ڳوٺ جا منظر ۽ ڊيموگرافي، ماڻهن جي غلامن واري زندگي، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام جي عروج سبب ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي ۽ هڪ صدي پوئتي پيل نظر اچي ٿو. ڳوٺ ۾ رهندڙ اڪثريت ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدورن ۽ هارين جي آهي ۽ جتي جاگيرون سيدن جون آهن. ڳوٺ کي نه روڊ، نيڪال جو نظام، ڊسپينسري، بوائز پرائمري اسڪول جيڪو درگاهه جي احاطي ۾ هڪ مسافر خاني جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ڇوڪرين جي تعليم صفا نه. ڳوٺ ۾ اهڙا ڪيترائي جائز مسئلا آهن جيڪي هٿ سان ڳوٺاڻن کي جاگيرداري طبقي جي هيٺ رکڻ خاطر جوڙيا ويا آهن. تازوئي برساتي نظام جتي ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪچي آبادي تي مشتمل گهرن کي مٽيءَ جا ڍير بڻائي ڇڏيو آهي، اتي انهن هارين جي فصلن کي به اڪثريت ۾ متاثر ۽ تباهه ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ۾ بيٺل پاڻيءَ جي دٻن ۽ نالين مان ٿيندڙ مڇرن جي آزار ۾ ڳوٺ جا سوين ٻار مليريا جي بيماري ۾ وٺجي چڪا آهن. هڪ برسات جا متاثر، مٿان مهانگائي، ٻيو ڊاڪٽرن جون ڳريون فيسون الڳ ته وري دوائن جا ڍڳ الڳ، هاڻي مزدور دانهن ڏئي ڪنهن کي پنهنجي درد جي. يوسي امينياڻي شريف جو يوسي چيئرمين ان سموري عمل کان لاتعلق بڻيل آهي. جيڪڏهن ڳوٺ ۾ مڇرمار اسپري ڪيو وڃي ته ٻارن توڙي وڏن ماڻهن ۾ ڦهلجندڙ مليريا جي بيماري کان بچي سگهجي ٿو. اسان ڊي سي دادو کي گُذارش ٿا ڪيون ته يوسي امينياڻي ۾ اسان کي خبر ناهي ڪهڙا ۽ ڪٿي ترقياتي ڪم ۽ ڪنهن جي ونگارن ۾ ٿين پيا، پاڻ بس ايتري التجا ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ دٻي سيد نبن شاهه ۾ مڇرمار اسپري ڪري مڇرن جهڙي آزار کان جان ڇڏائي ڳوٺاڻن کي گهٽ ۾ گهٽ ڏکي سکي زندگي رب جي رضا موجب جيئڻ ئي ڏني وڃي.

جاويد پنهور/ ڳوٺ دٻي سيد نبن شاهه

اچو ته گڏجي خدا کي راضي ڪريون!

سنڌ ھن وقت تمام ڏکيي وقت مان گذري رھي آھي، پاڻي رب جي نعمت آھي پر جي اسان ڌڻي تعاليٰ کي ناراض ڪنداسين ته اھو پاڻي اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگھي ٿو، پاڻي کي پنھنجي ڪا به طاقت ڪانھي، اھو به خدا جي حڪم جو محتاج آھي، انسان کي ڪا به خبر نه ھوندي آھي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آھي، ان ڪري پنھنجي مالڪ کي وساريو ويٺو آھي ۽ دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ رڌل آھي، ھن وقت پاڻي بلوچستان کي ڪافي نقصان پھچائي سنڌ جي زمين تي پنھنجي موجن سان مست ٿي جيڏاھن وڻيس رخ ڪيو وھندو پنھنجي منزل طرف وڃي پهچي ٿو، اڄ عوام ڏکيائي ۾ آھي، حڪمران پنھنجن موجن ۾ آھن، جيڪي ڪنھن غريب ڏي نظر ڪري نھارڻ کي به عيب ٿا سمجھن، سي ھن ڏک جي گھڙيءَ ۾ انهن مسڪينن جي ڪھڙي مدد ڪندا؟ ھي ماڻھو صرف عوام جي اڳيان ڪجھ ڪنڌ کڻڻ لاءِ ھيليڪاپٽر ۾ چڪر ھڻي ٽي وي تي ڪجھ تصويرون ڪڍرائي ھليا ٿا وڃن. مون کي ته عجب ٿو لڳي ته اڄ سنڌي قوم جا سڄڻ ڪيڏانھن ھليا ويا آھن ھن ڏکي گھڙي ۾؟ عام ماڻھو جي ڪھڙي پيا مدد ڪن؟ افسوس ان ڳالھ جو به آھي ته ٺلھو سھارو به ڏيڻ لاءِ نه پيا اچن، عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته جيڪي به اوھان کان مدد پڄي سگھي سا پنھنجن ماڻھن جي ڪريو، ھي ڏکيو وقت آھي انشاءُالله خير سان گذري ويندو.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ٿرپارڪر ۾ وڌنڌڙ آپگھات جا واقعا!

گذريل ڏينهن جي اخبار تي نظر پئي ته “ڇاڇري ويجهو چئن ٻارن جي پيءُ ساجن منگريو آپگھات ڪري ڇڏيو” هي هانءُ ڏاريندڙ ڳالهه هڪ زنده دل انسان لاءِ وڏو الميو آهي، ٿرپارڪر سنڌ جو هڪ پٺتي پيل خطو آهي، جتي گذريل ڏهاڪي کان وٺي آپگھاتن جا تمام گهڻا واقعا پيش آيا آهن. ان معاملي جي  تهه تائين پهچڻ انتهائي ضروري آهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري هڪ ماڻهو پنهنجا گلن جهڙن ٻچن کي اڪيلو ڪري انتهائي قدم کڻي ٿو؟ اڪثر ڪري ٿر ۾ ٿيندڙ آپگھاتن کي ذهني توازن صحيح نه هئڻ ۽ گهرو اڻبڻت ظاهر ڪري معاملي کي لئي مٽي ڪيو وڃي ٿو پر حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. اهڙن واقعن جا مک سبب بيروزگاري، معاشي تنگي، گهرو مسئلا،  نشي جو واهپو، سهپ نه هئڻ وغيره آهن. آپگھات هڪ انتهائي ناپسنديده عمل آهي. آپگھات ڪرڻ هڪ انسان تڏهن وڃي ٿو جڏهن هو پنهنجي جيئڻ جا جتن ڇڏي ڏئي ٿو. ٿرپارڪر ۾ وڌندڙ آپگھاتن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه مهينا اڳ ڊي آءِ جي ميرپورخاص آپگھاتن جو سبب معلوم ڪرڻ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ مختلف طبقي فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي هئي جنهن پنهنجي رپورٽ به پيش ڪئي هئي پر اڄ ڏينهن تائين ان ڪاميٽي جي ڏنل رپورٽ تي ڪو خاطرخواه عمل نه ٿي سگهيو آهي. وڌندڙ آپگھاتن جي واقعن کي روڪڻ لاءِ هڪ سنجيده قسم جي جاڳرتا مهم هلائڻ تمام ضروري آهي، جنهن ۾ گهر، پاڙي ۽ ڳوٺ جي سطح تائين ماڻهن سجاڳي پيدا ڪئي وڃي. ان کان سواءِ وقت جي حڪومت کي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ کپن، جنهن سان معاشي تنگي کي ٻنجو اچي سگهي. ان کان سواءِ آپگھاتن جي ٿيندڙ واقعن جي جاچ ايماندار ۽ اهل آفيسرن کان ڪرائي وڃي جيئن قتل ۽ آپگھاتن جي واقعن جي پڙتال ٿي سگهي. ان سان گڏ اهل ميڊيڪو ليگل آفيسرن جي هڪ ٽيم ضلعي سطح تي جوڙي وڃي ۽ عورت ميڊيڪو ليگل آفيسر به مقرر ڪيا وڃن جيئن عورتن ۾ ٿيندڙ اهڙن واقعن جي سٺي نموني جاچ ٿي سگهي.

تنوير احمد جنجهي/ڇاڇرو، ٿرپارڪر

سيلاب سبب پاڪستان کي ڪترو نقصان پهچي ٿو!

پاڪستان ۾ 2010ع ۾ ايندڙ سيلاب ملڪي تاريخ جي بدترين سيلابن مان هڪ هو، ان ۾ 60 ملين ڊالرن جو نقصان ٿيو هو پر هلندڙ سال به پاڪستان کي ان کان وڌيڪ سيلاب کي منهن ڏيڻو پيو. سيلاب وقت سان گڏ بدتر ٿيندا پيا وڃن ۽ موسمياتي تبديلين سان گڏ ان ۾ اضافي جي اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ۾ زوردار برساتن بعد درياهه پنهنجي ڪنارن کان وهندا آهن، سيلاب خطرناڪ آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن جبلن تي مٽي ۽ ٻيو مواد وهي ويندو آهي ته لينڊ سلائڊنگ ۽ برفاني ڇپن جو سبب بڻجندو آهي. جنهن ڪري گهڻو نقصان به ٿيندو آهي، منصوبابندي ۽ حڪمت عملي سان ماڻهن ۽ ملڪيتن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سيلاب کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول جي زبردست فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور متاثر علائقن جي نشاندهي، ڊيمن جي تعمير، وڻڪاريءَ ۾ اضافو، نالن جي بروقت صفائي، اسٽوريج ٽينڪ لاءِ مناسب انتظامن سان گڏ متاثر علائقن ۽ اتان جي ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي ڏيڻ. بنگلاديش دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سيلاب متاثر ملڪن مان هڪ آهي، جتي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ درياهه جو باقاعدي سيلاب ملڪ جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو آبادي کي متاثر ڪندو آهي. 2012ع جي ڊزاسٽر مئنيجمنٽ ايڪٽ قومي سطح تي ڊزاسٽر مئنيجمنٽ فنڊ جوڙيو ويو. آبي نظام کي بهتر بڻائڻ تان جو پاڻي جو نيڪال بهتر انداز ۾ ٿئي جتي سيلاب جي واڌو پاڻي روڪڻ لاءِ ريٽنگ تلاءَ جوڙيا ويا. سيلاب جو پتو لڳائڻ وارو نظام لڳايو ويو. جاپان قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گهڻي سيڙپ ڪئي. عوامي شعبي جي فنڊنگ سيمڪ انجينيئرنگ ۽ هٿرادو ذهانت وسيلي ان تي قابو آڻڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي. ڊسمبر 2021ع ۾ حڪومت هڪ نئون پنج سالا 144.4 بلين جو منصوبو بڻايو، جنهن جو مقصد اڳ ڪٿي ٿيل وڏن زلزلن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. سيلاب سان ٿيندڙ نقصان، برساتي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ روڊن، اسڪولن ۽ هوائي اڏن کي اپگريڊ ڪرڻ لاءِ سپر ڪمپيوٽر تائين شامل آهن. اهي منصوبا جنهن ۾ تباهي ۾ گهٽتائي جي 123 منصوبا شامل آهن. جاپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن جاپاني ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي زيرزمين آبي ذخيرا ٺاهي شهري علائقن کي سيلاب کان بچائڻ ۾ اڳڀرو آهي. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ حڪمت عملي ۽ وڌيڪ منصوبابندي جي ضرورت آهي، جنهن سان سيلابي صورتحال ۾ ماڻهن ۽ ملڪيتن کي بچائڻ لاءِ سيلاب کان بچاءُ ۽ زبردست قسم جي فيصلن ڪرڻ جي ضرورت آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي اپيل!

ڪمشنر حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن عملدارن کي اپيل آهي ته ليبر ڪالوني ٽنڊو محمد خان روڊ حيدرآباد ۾ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ لڳايل رليف ڪئمپ ۾ ٻوڏ متاثرن سان اڍنگو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، نه انهن کي صحيح کاڌو ڏنو ٿو وڃي نه پاڻي صحيح ڏنو ٿو وڃي، ماڻهن کي ڪئمپ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پهريان چيو ويو هو ته 3 مهينا ڪئمپ هلندي، جيڪي ماڻهو ڪئمپ ڇڏي رهيا آهن انهن کان مليل سامان کسيو ٿو وڃي، جڏهن ته اهو سامان انهن کي مختلف فلاحي ادارن طرفان مليل آهي. ڪجھ عملدار ماڻهن کي پريشان ڪري رهيا آهن. اسان جي ڳوٺ جون 15 فيمليون اتي ترسيل آهن، اسان جي ڳوٺ ۾ هن وقت 8 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، انهن ماڻهن کي ٻي ڪا به واهر ناهي ته هو ڪاڏي وڃن، اهي غريب مسڪين هارپو ڪندڙ ماڻهو هن ڏکئي وقت ۾ ڪيڏانهن وڃن؟ سڀني وس وارن کي اپيل آهي ته غريبن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان سراپا احتجاج وارو رستو اختيار ڪنداسين، ڇو ته ڪئمپ سرڪاري خرچ تي لڳائي وئي آهي، سرڪار کي پئسا اسان جي ٻڏڻ جي ڪري مليا آهن نه ڪي هنن جي عياشين ڪرڻ لاءِ! هي ڪنهن جو ذاتي پئسو ناهي جو غريبن کي پريشان ڪري لڏڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي. مهرباني ڪري انهن ڪرپٽ ماڻهن خلاف قدم کنيو وڃي.

ماجد حسين تنيو/ ڳوٺ لونگ تنيو، ميهڙ، دادو

هڪڙي چٺي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو صاحب جي نانءُ!‎‎

محترم محمد اسماعيل راهو! سدا خوش هجو شال، قبلا سائين ته تازين برساتن کان اڳ موسميات کاتي ۽ ماحولياتي تبديلين جي ادارن هيل معمول کان وڌيڪ برساتن ۽ ان جي اثرن کان آگاهه ڪيو هو. سنڌ حڪومت به رين ايمرجنسي لڳائي هر لاڳاپيل اداري کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو هو. راهو صاحب برابر هيلوڪيون برساتون اندازي کان ڪيترائي سيڪڙو وڌيڪ هيون ان ۾ نه توهان جو نه توهان جي حڪومت جو ڪو ڏوهه آهي پر هڪ ڳالھ جو افسوس ضرور آهي ته تيز برساتن جي تباهين کان پوءِ توهان پنهنجي تڪ جي بي گهر ٿيل مسڪين ماڻھن جي مدد لاءِ ڪو اثرائتو ڪردار ادا ڪري ناهيو سگهيا. راهو صاحب! يونين ڪائونسل ڪڙيو گهنور توهان جي اباڻي ڳوٺ کي گھڻو ويجهو آ ۽ ڄاڻندا هوندا ته هن يوسي ۾ ڪيتريون ئي برادريون وڏن وڏن ڳوٺن ۾ آباد آهن، جن ۾ ڳوٺ رمضان نظاماڻي، ميهر چانڊيو، ڪانهڪي، آچار هاليپوٽو، حاجي حق نواز نظاماڻي، عبدلڪريم نظاماڻي، ميون محمد عالم، مرزو نوحاڻي، جعفر پنھور وغيره شامل آهن. راهو صاحب توهان کي اها به خبر آ ته انهن ئي ڳوٺن ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ گهر موجود آهن جن ۾ 90 سيڪڙو گهراڻا غريب آهن ۽ انهن جا گهر به ڪچا آهن، جيڪي هيلوڪين برساتن ڪري سخت متاثر ٿيا آهن پر ان باجود هي چٺي لکڻ تائين سندن ڪا به واهر ناهي ٿي. وزير اعليٰ سنڌ جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 15 لک مڇردانيون ۽ لکين راشن جا ٿيلها ورهائڻ واري دعويٰ جي ابتڙ هن يوسي ۾ ڪو به رليف اڃا تائين ناهي پهتو. وزيراعليٰ سنڌ جي سڀني ڪچن گھرن جي تباهي جي اعتراف کان پوءِ به 90 سيڪڙو ڪچن گهرن تي ٻڌل هن يوسي ۾ ڪا ٽينٽ سٽي ته ڇا پر ڪو هڪ تنبو به ناهي ڏنو ويو. راهو صاحب هن ڏکئي وقت ۾ مدد جا منتظر ماڻھو توهان ڏي انيڪ ميارو موڪلي رهيا آهن، ان  لاءِ نه ته توهان سنڌ جا صوبائي وزير آهيو، ان لاءِ به نه ته توهان بدين جا فوڪل پرسن آهيو پر ان لاءِ ته توهان سنڌ جي عظيم سورهيه سپوت ۽ اڻموٽ ڪرادار شهيد فاضل راهو جا فرزند آهيو. اهو فاضل راهو جيڪو غريب، پيڙيل، پوئتي پيل، پورهيتن جي حقن لاءِ سدائين سراپا احتجاج هوندو هو، جيڪو عوام جو همدرد ۽ هڏڏوکي هر ڏکي گھڙيءَ ۾ حامي بڻجندو هو، جيڪو عام ماڻھو سان به ڪارين راتين ۾ سڏ ۾ سڏ ڏئي ساڻ هوندو هو .شايد ان ڪري هتان جي ماڻھن جون ميارون جائز آهن ۽ اهي ميارو ٺھنديون به انهن ماڻھن تي آهن جن لاءِ لطيف سرڪار چيو آ ته:

هوندن مٿي هون، لاڳاپا لوڪ جا .

ميهر ميهراڻ چانڊيو/ ڳوٺ ميهر چانڊيو،

ڪڙيو گهنور

عشق ڇا آهي؟!

اڄ دوستن سان ڪچهري پئي ڪئي، ڪافي موضوئن تي ڳالهايوسين بعد ۾ هڪ دوست سوال پڇيو ته عشق ڇا آهي؟ سندس نيڻن جي نيري لينسز جي سمنڊ ۾ ڪنھن گلن جي ٺھيل سڙهه جي ٻيڙي وانگر تري رهيو هو. خبر نه پئي ته ڪهڙي ڪيفيت جي اثر هيٺ هن کي ٻڌايان، نيٺ دل جي ڌڙڪي کي روڪي ٻڌائڻ لڳو هئس: عشق اهڙي ته ڪيفيت آهي جو سج لهڻ اڀرڻ جي خبر ئي نٿي پوي، عشق اهي اسرار کولي ٿو جيڪي عقل جي انتها کان پوءِ شروع ٿين ٿا، عشق اهڙو اثر آهي جو ذهن، جسم، رت، ساهه، خوبصورتي سان متاثر ٿي عجيب قسم جي نشي ۾ الوٽ ٿي ٿو وڃي ۽ خيالن جي دنيا ۾ انقلاب اچي وڃي ٿو، ماڻهو تيزيءَ سان اک کڻڻ، ڪن هڻڻ، ساهه کڻڻ کان سواءِ به ڪيترائي پل جي سگهي ٿو، فرد ذهني توڙي مادي انقلاب سان همڪنار ٿئي ٿو عشق ۾ زندگي سان پيار ٿي وڃي ٿو ۽ پيار ۾ ڪائنات خوبصورت لڳي ٿي ۽ فرد ڪائنات کي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿو. پيار کي پائڻ لاءِ ڪائنات جون سرحدون ڪراس ڪري ٿو ۽ اهو ننڊ نه ڪندڙ جسم ٿيو پوي جيڪو پوري ڪائنات تي نظر رکي ٿو. ڳالهائي ٿو ڪيترائي علم جن ۾ مذهب، سائنس، فلسفو، نظريا ۽ فڪر ٻڌائي ٿو، جيڪي بدلائن ٿا سماج کي ۽ جوڙي ٿو نئين دنيا، نوان سماج نئين اخلاقيات تن ۾ وري به عشق انقلاب برپا ڪندو رهي ٿو. خيالن ۾ نئين جوت ٿو اوتي ۽ سمجهائي ٿو، عجيب حالتون تاريخ ۾ ماضيءَ جا اھي اڻ وسرندڙ قصا جيڪي سائنسي تاريخ ۾ نٿا ملن. ۽ فرد کان جوڙائي ٿو محبتن جا افسانا جيڪي حقيقي روپ ڌاري اڀرن ٿا، قومن وٽ ۽ قومون ماڻين ٿيون روشني جون راهون سولائي سان ۽ پوءِ عشق پنهنجو هڪ الڳ ملڪ ٺهرائي ٿو ۽ اتي ٽڙن ٿا ڪئين ڳاڙها گلاب ۽ اڏرڻ ٿا امن جا رنگين پوپٽ ۽ اهي رنگين ٿا پنهنجن رنگن سان مختلف قومن جي ڪلچر کي ۽ ملڪ رنگن ٿا پيار جي رنگن سان، عشق جي ڳاڙهن گلابن جي خوشبو ۾ وهنجن ٿا، پوءِ عشق نچي ٿو ۽ نچرائي ٿو، ڳائي ٿو ڳارائي ٿو، انقلاب، انقلاب ۽ چوي ٿو چورائي ٿو، مان ته آهيان انقلاب ۽ پوءِ عشق جوڙي ٿو ھڪ نئين ڪائنات، برابري جي بنيادن تي، ايئن چئي خاموش ٿيو هئس ته چيائين، عشق کي صرف هڪڙي جملي يا سٽ ۾ ڊفائين ڪري ٻڌاءِ! کيس چيو هئم: عشق اهڙي فلسفي کي جنم ڏي ٿو جيڪو رستو ڏي ٿو، انسان کي ڪائنات سمجهڻ لاءِ. شايد سمجهي نه سگهي هئي، پڇڻ لڳي توهان عشق ڪيو آهي؟ وراڻيو هئم: شايد ٿي سگهي ٿو. عبداللہ شيخ/ نيوڇور

عورتون رڳو تخليق تائين ڇو محدود آھن!

دنيا ۾ جڏھن کان ادب پنھنجي ارتقا طرف وکون وڌايون آھن تڏھن کان اڄ تائين سموري ادبي صنفن ۾ جتي ڪٿي نه عورتن جي حسن، ادائن وغيره جو ذڪر ضرور ملندو! ادب ۾ عورتن جي حسن کي وڌيڪ نروار ڪيو ويندو آھي، اھڙيءَ طرح باقي عورتن جا ٻيا انيڪ رُخ، خصلتون جھڙوڪ ھٿ جي ھنر جھڙيون خاصيتون ڪٿي به ادب ۾ سمايل نظر نٿيون اچن! جيڪا عورتن سان بيواجبي آھي. عورتون صرف مرد جي نظرن تائين محدود رھجي ويون آھي، سندن رھنمائي، ترقي ۽ ذھني واڌ ويجھ لاءِ ڪنھن به حَد تائين کين ھمٿايو نٿو وڃي! جيڪو غلط عمل آھي. سنڌ جون عورتون گھڻي قدر محنتي به آھن، اڄوڪي ھن ڪمپيوٽرائزڊ دور ۾ جتي ڀرت جا نوان نوان قسم متعارف ٿيڻ لڳا آھن، اتي سنڌ ۾ عورتون ھٿ سان ڀرجندڙ عورتاڻا وڳا جن ۾ گَج، چولا، سنھٽين، سڳين ۽ مڪسين سان سينگاريل ڪپڙا ڪمپيوٽر جي ڇاپ کان وڌيڪ سھڻا ۽ خوبصورت لڳندا آھن. گندي ۾ ڀَريل طرحين طرحين چٽَ ۽ گل ھجن يا کڻي ويھاڻي جي ڇونءَ ۾ ڀريل ڀرت ھجي، ھي سڀ سنڌ جي عورت جي پنھنجي ايجاد آھن، جنھن کي اڄ به وڏي ڪاميابي حاصل آهي پر عورتن جي اھڙي ذھني سوچ، صلاحيت ۽ جفاڪشي کان سواءِ ھتي رڳو عورتن جي حسن کي وڌيڪ نروار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سرار غلط آھي ڇاڪاڻ عورتن جي ذھني صلاحيٿ کي نروار ڪرڻ سندن پورھئي کي وائکو ڪرڻ سان به انھن عورتن ۾ وڌيڪ اتساھ جاڳندو، کين آٿت ملندي. وڌيڪ اھي ھٿ جي ھنر ۽ پورھئي ذريعي ناڻو ڪمائي پاڻ کي بدلائي سگھنديون. سڀ ڪجھ پنھنجي جڳھ تي پر سرڪاري طور تي به سنڌ ۾ ھنرمند عورتن جي ھنر کي وڌائي سماج ۾ کين طاقتور بڻائڻ لاءِ حڪومت به ڪو ڪردار ادا نٿي ڪري ته جيئن ھن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ سنڌ جي محنت ڪش، جفاڪش ھنرمند عورتن کي ڪا سٺي پذيرائي ملي سگھي ته جيئن اھي پنھنجي زندگي سٺي طرح گذاري سگھن. عورت خوبصورت ھجي يا کڻي تخليق واري ھجي پر سندن ٻيا انيڪ رخ جن کي به دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ حڪومتي سطح تي به کين پذيرائي ملڻ گھرجي، جيڪو به سندن لاءِ وڏو اعزاز ھوندو.

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان

تعليم بچايو، سنڌ سنواريو!‎‎

ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار تعليم تي ئي آھي. جيڪڏهن تعليم چڱي طرح يا لاڳيتو نه ملندي ته پوءِ ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو يا اڳيان اچي سگھندو؟ جيئن پھريان 2019ع ۾ڪورونا وبا جي ڪري لڳ ڀڳ ھڪ سال يا ڏيڍ سال تائين اسڪول توڙي ڪاليج يا وري يونيورسٽن کي بند رکيو ويو، جنھن سان تعليم جو تمام گھڻو نقصان ٿيو ۽ ٻارن کي ڪجھ به پڙھڻ يا امتحان وٺڻ کان سواءِ پروموٽ ڪيو ويو ۽ ھاڻ 2020ع ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب لکن جي تعداد ۾ شاگرد تعليم کان متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج تباھ ۽ برباد ٿي چڪا آهن ۽ موجوده وقت ۾ تعليمي ادارا صرف ٻوڏ متاثرن لاءِ رھائشي مرڪز ۽ پناھگاھن ۾ تبديل ٿي ويا آھن جيتوڻيڪ اسڪولن، ڪاليجن بدران ڪيترائي سرڪاري ادارا، عمارتون، ميدان، جايون ۽ پلاٽ وغيره جيڪي خالي پيل آھن، جتي ٽينٽ لڳائي متاثرين کي عارضي طور ڪجھ وقت اڃا به رھائي سگھجي ٿو، جنھن سان اھي به آرام سان رھائش اختيار ڪري سگھن ٿا ۽ اسان جي شاگردن جي پڙھائي يا تعليم ۾ ايندڙ رنڊڪن کي به دور ڪري سگھجي ٿو، تنھن ڪري آئون تعليم جي وزير کي گذارش ٿي ڪريان ته سنڌ جي تعليم کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪي ترت قدم کنيا وڃن ته جيئن شاگرد پنھنجي پڙھائي ڌيان سان ۽ پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ ۾ لڳي وڃن. حقيقت ۾ ته تعليمي ادارا ڪنھن رھائش گاھ يا پناھ گاھ جي جاءِ نه آھي، اھي اسان جي ٻارڙن جي اھا درسگاھ آھي جيڪا انھن کي مستقبل کي سنوارڻ ۽ ان کي علم جي لاٽ ڏيکاري ٿي، جنھن کي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ ان تي ڌيان، رھنمائي، سپورٽ جي ضرورت آھي، خدارا! اسان جي تعليمي نظام کي سڌاريو ۽ سنڌ کي سنواريو وڃي.

تانيه سليم/حيدرآباد