اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر محمد ميان سومرو جي خالي ٿيل تڪ اين  اي 196 جيڪب آباد تي ضمني چونڊ ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، شيڊول مطابق اين اي 196 جيڪب آباد تي نامزدگي فارم 25 آگسٽ کان 27 آگسٽ تائين جمع ٿي سگهن ٿا، نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني 31 آگسٽ تائين مڪمل ٿيندي، نامزدگي فارم رد يا منظور ٿيڻ خلاف اپيلون 3 سيپٽمبر تائين داخل ٿي سگهنديون، جن کي 7 سيپٽمبر تائين اڪلايو ويندو، اميدوار 9 سيپٽمبر تائين هٿ کڻي سگهندا، ساڳئي تاريخ تي اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ٿيندي، 10 سيپٽمبر تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ٿيندا ۽ 2 آڪٽوبر 2022ع آچر ڏينهن تي اين اي 196 جيڪب آباد تي ضمني لنڊ لاءِ پولنگ ٿيندي.