ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ پاران  ڪراچي ۾ مزار قائد ويجهو جلسي جون تياريون  شروع، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي ، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن ڪالهه جلسي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته 19 آگسٽ تي عمران خان جو تاريخي جلسو ٿيندو، ڪارڪن عمران جو پرجوش انداز ۾ استقبال ڪندا، هي جلسو امپورٽڊ حڪومت جون ننڊون اڏائي ڇڏيندو، ڪراچي جو عوام هر موڙ تي عمران خان سان گڏ آهي، عمران خان حقيقي آزادي جنگ وڙهي رهيو آهي، هوڏانهن ڪالهه پي ٽي آءِ پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو ”آزاد صحافت جي حق ۾ “مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، ايم اين اي جئه پرڪاش اڪراڻي، جمال صديقي ۽ ٻين خطاب ڪندي  چيو ته حڪومت ميڊيا جو  گلو دٻائي رهي آهي انهي حڪومت مان ڇوٽڪارو ضروري آهي،