لاهور (اسپورٽس نيوز) محمد رضوان جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪرگي ۽ ون ڊي ميچز ڪجهه تسلسل جو فقدان نظر ايندو آهي. ان حوالي سان اڳوڻي فاسٽ بولر عاقب جاويد چيو ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر ۾ مهارت ۽ صلاحيت موجود آهي پر لڳي ٿو ته هو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ٿوري جلد بازي ڪري ويندو آهي، هن کي جلدبازيءَ کان پاسو ڪندي اسٽرائيڪ تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته مونکي رضوان جي ٽيڪنڪ ۾ ڪابه خرابي نظر ناهي ايندي، اهو صرف فارميٽ جي مزاج جي حساب سان ڪريز تي دير تائين بيهڻ جي ڪوشش ڪري ته وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو.