باڊھه (اسپورٽس نيوز) باڊھه ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ ڪالو مرزا ۾ آل سنڌ والي بال ٽورنامينٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ٽيمن ٽورنامينٽ حصو ورتو. جنهن جو فائنل لاڙڪاڻو ۽ دادو جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو فائنل ۾ دادو جي ٽيم لاڙڪاڻي کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جو فائنل کٽي ورتو. دادو جي ڪئپٽن امداد کي 10 هزار روڪ رقم ۽ ونر ٽرافي ڏني وئي. جڏھن ته هارائيندڙ ٽيم کي 5 هزار انعام ۽ رنر اپ ٽرافي ڏني وئي.