مانجھند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان ڳوٺ راڄڙي جو رھواسي 8 ٻارن جو پيءُ 40 ورهين جو محمد رحيم مٺاڻي ذريل ڏينهن گھرو اڻبڻت تان وارثن کان ناراض ٿي ڪري گھران نڪري ويو هو، جنهن جو اڄ ڪول مائينز ٿاڻي جي حد مان ھڪ ويران جڳهه تان ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو آهي، ان حوالي سان فوتي جي ڀاءُ گل حسن مٺاڻي ۽ سئوٽ صدام مٺاڻي ٻڌايو ته محمد رحيم گذريل ڏينهن ٻڪريون چارڻ جو چئي گهران نڪتون هو، ڳولا باوجود سندس پتو نه پيو پر اڄ ڀاءُ جو ڦاهو کاڌل لاش مليو آهي، گل حسن مٺاڻي وڌيڪ ٻڌايو ته ڀاءُ بيمار رھڻ سبب ذھني توازن وڃائي ويهندو هو، جنهن سبب خدشو آهي ته ڀاءُ آپگهات ڪيو هوندو، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعي جي بابت اسان کي ڪوبه اطلاع ناهي.