ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي گارڊ تي تشدد، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عمر صادق خلاف ٿاڻي تي شڪايت داخل، جي يو آءِ جي سمورن اڳواڻن جي پريس ڪلب ۾ داخلا تي پابندي، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب 24 اپريل تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل جي پريس ڪانفرنس رٿيل هئي، انهي پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جي يو آءِ جو اڳواڻ مولانا عمر صادق به پهتو، پريس ڪلب جي گارڊ کيس هدايت ڪئي ته هو گاڏي ٻاهر پارڪ ڪري ۽ پنهنجا سيڪيورٽي گارڊ به ٻاهر بيهاري، ڇاڪاڻ ته پريس ڪلب ۾ ڪنهن بعد هٿياربند گارڊ جي داخلا تي پابندي لڳل آهي، پريس ڪلب انتظاميا موجب مولانا عمر صادق گارڊ جي ڳالهه مڃڻ بدران ساڻس جھيڙو ڪري کيس ٺونشا هنيا ۽ بدتميزي ڪئي. جنهن بعد مولانا عمر صادق کي پريس ڪلب ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اهڙي واقعي بعد پريس ڪلب انتظاميا جي يو آءِ جي سمورن اڳواڻن جي پريس ڪلب ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪري مولانا عمر صادق خلاف ٿاڻي تي شڪايت پڻ داخل ڪرائي آهي