ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ويجهو ڳوٺ گلشير خاصخيلي مان نوجوان ناري تميزان ڌيءُ نظير خاصخيلي مبينا طور اغوا، ناري جي وارثن جو پنهنجي برادري جي ڳوٺ ست پڙي ۾ اغوا الزام هيٺ آيل شوڪت خاصخيلي جي گهرن تي حملي جي ڪوشش، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ ڳوٺ ست پڙي پهچي ڌرين کي ڇڪتاڻ کان روڪي ورتو، ايس ايچ او ڀرياروڊ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان ناري تميزان ڌيءُ نظير خاصخيلي جيڪا ڳوٺ گلشير خاصخيلي جي رهواسڻ آهي، نوجوان شوڪت پٽ حاجي خاصخيلي سان گهران نڪري وئي آهي، نوجوان ناري جي وارثن ڳوٺ ست پڙي ۾ الزام هيٺ آيل نوجوان جي گهرن مٿان حملي جي ڪوشش ڪئي ته اسان بروقت پهچي ڌرين کي ڇڪتاڻ کان روڪي ورتو، ٻئي پاسي مبينا الزام هيٺ آيل نوجوان جي سئوٽ غلام سرور خاصخيلي ٻڌايو ته اسان کي معاملي جي ڪابه خبر نه هئي نوجوان ناري جي وارثن اسان جي گهرن جي مٿان حملا ڪيا ۽ پوليس سان ڇڪتاڻ ڪئي ته بعد ۾ خبر پئي ته نوجوان ناري تميزان اسان جي نوجوان شوڪت سان گڏ گهران نڪري وئي آهي. نوجوان ناري ۽ نوجوان هن وقت ڳوٺ ۾ ناهن ڪا خبر ناهي ڪٿي آهن؟ جڏهن ته وڌيڪ ڇڪتاڻ سبب ڀرياروڊ پوليس ڳوٺ ست پڙي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي.