مانجھند:کاڻ ۾ دٻجي ويل ٻن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا

0
191

مانجھند(ن پ ا) مانجھند ڀرسان لاکڙا جي بسم الله ڪوئلا ڪمپني ۾ گذريل ڏينهن ٽن پورهيتن مٿان ڪوئلو ڪڍڻ دوران ڀڪ ڪري پئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي پورهيت، خليل رحمان دائيداڻو، عصمت خان پٺاڻ ۽ گل محمد پٺاڻ ر دٻجي ويا هئا

جن مان مقامي پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت پورهيت گل محمد پٺاڻ جو لاش 10 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد کاڻ مان ڪڍيو هو جڏهن ته ھڪ وڌيڪ پورهيت خليل دائيداڻو جو لاش اڄ ڪڍيو ويو آهي

هڪ پورهيت اڃان تائين کاڻ اندر دٻيل آهي، ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا پاران پورهيت جو لاش ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي ڳوٺاڻن سان سهڪار نه ڪيو

ھي به پڙھندا

مانجھند: کاڻ اندر ڪم ڪري ٻاھر نڪرندڙ نوجوان پورھيت فوت