اسٽي آرڊر معطل: گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن تي حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم

0
257
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پاران ڪورنگي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن تي آپريشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر معطل ڪيو ويو آھي، سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخليون هٽائڻ بابت ڪيس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه کي طلب ڪري ورتو آھي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران اي جي سنڌ پيش ٿي چيو ته ڇا عدالت چاهي ٿي ته آپريشن متاثر خاندانن کي نوَن گهرن ۾ منتقل ڪريون؟ چيف جسٽس اي جي سنڌ کي چيو ته توهان وضاحت نه ٿا ڪري سگهو، ويهي رهو، وڏي وزير کي طلب ڪريون ٿا

 گلشن اقبال جي ليمون ڳوٺ ۾ فيڪٽريز سبب گهٽيون بند ٿيڻ خلاف درخواست تي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي طلب ڪيو ويو آھي، ڪورنگي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن تي آپريشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر معطل، نالن تي سموريون حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

سپريم ڪورٽ طرفان ضياءُ الدين اسپتال طرفان سرڪاري زمين تي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ڊي جي ڪي ڊي اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته ضياءُ الدين اسپتال وارا پنهنجي پارڪنگ ڇو نه ٿا ٺاهين، توهان روڊ ڇو نه ٿا ٺاهيو، روڊن تي گهر ڪيئن ٺهي ويا؟، ڪراچي ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان اها حالت آهي، فلاحي پلاٽن تي ڪٿي ڪلب هلي رهيا آهن ته ڪٿي شادي هال ۽ ٻيو ڪجهه هلي پيو.

ھي به پڙھندا

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ليز وارا گهر مسمار ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار