مانجھند: کاڻ اندر ڪم ڪري ٻاھر نڪرندڙ نوجوان پورھيت فوت

0
295

مانجھند(ن پ ا) لاکڙا ڪول جي ڪريم ڪول ڪمپني ۾ کاڻ اندر ڪم ڪري ٻاھر نڪرندڙ نوجوان پورھيت فوت ٿي ويو.

پشاور جي علائقي خوازه خيلا جو رھواسي 25 ورھين جو مھراڻ خان پٺاڻ جو کاڻ اندر ڪم ڪرڻ دوران اچانڪ طبيعت خراب ھجڻ جي ڪري ايمرجنسي ۾  زنبيل تي واپس اچي رھيو ھيو ته زنبيل ٽٽڻ سبب کاڻ اندر ڪري ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

فوت ٿيل پورھيت جو لاش مقامي پورھيتن کاڻ اندران پنھنجي مدد تحت پاڻ ڪڍي ڪريم ڪول ۾ جنازي نماز ادا ڪري پورھيت نوجوان جو مڙھ ان جي اباڻي ڳوٺ خوازه خيلا پشاور روانو ڪيو.

جڏھن ته لاکڙا ڪول مائنز ڪمپنين جي بي ڌياني سبب کاڻ اندر حادثا ٿيندا رھن ٿا، جن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع پڻ ٿيڻ ٿيون پر ڪول مائنز کاتي پورھيتن جي سھولتن لاءِ ڪي به اپاءُ نھ ورتا.