مالي(انٽرسٽنگ نيوز) مالديپ جي گاديءَ واري هنڌ مالي کان ٻيڙيءَ تي 10 منٽن جي سفر کانپوءِ هندي سمنڊ ۾ هڪ ترندڙ شهر تعمير ٿيڻ شروع. اهو شهر ايترو وڏو هوندو جو 20 هزار ماڻهو هن ۾ رهي سگهندا. شهر ۾ 5,000 تعميراتي يونٽ هوندا، جن ۾ گهر، ريسٽورنٽ، دڪان ۽ اسڪول شامل آهن. مالديپ طرفان اولين تعميراتي يونٽس جون 2022 جي آخر تائين متعارف ڪرايا ويندا، جڏهن ته 2024 ۾ اتي ماڻهو رهڻ شروع ڪندا.  سڄو شهر 2027 تائين مڪمل تعمير ڪيو ويندو. مالديپ جي حڪومت هن شاندار منصوبي تي ڊچ ڊاڪلينڊز نالي هڪ ڪمپني سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. اهو ڪو تجربو يا مستقبل جي جديد شهر جو ڪانسپيٽ ماڊل نه آهي بلڪ مالديپ کي سمنڊ جي سطح ۾ اضافي مان خطري جي امڪان کان بچڻ جو هڪ حل آهي. 1190 ٻيٽن تي مشتمل مالديپ موسمياتي تبديلين مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي.