لنڊن(انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا سان تعلق رکندڙ 41 سالن جي اينڊي ڪيوري 20 سان کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڻي پيتو . ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب اينڊي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ ڪم ڪندو آهي جنهن کي گذريل 20 سالن کان سافٽ ڊرنگ پيئڻ جي عدالت هئي ۽ اهو روزاني 10 ليٽر ڪولڊ ڊرنگ پي ويندو هو. هاڻ هن دعويٰ ڪئي آهي ته هن صرف هڪ نفسياتي علاج جي مدد سان ان عادت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو آهي. اينڊي ڪيوري موجب اهو هڪ ڏينهن ۾ سافٽ ڊرنڪ جا 30 ڪينز تائين پيئندو هو جنهن تي هن جو سالانه 19 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ايندو هو. اينڊي مقامي ٿراپسٽ ۽ هپناٽسٽ سان رابطو ڪيو جن هن ۾ “ايوائڊنٽ ريسٽرڪٽو فوڊ انٽيڪ ڊسورڊر نالي مرض جي سڃاڻپ ڪئي ۽ صرف 40 منٽن جي هڪ سيشن جي مدد سان ڪيوري جي ان عادت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان سيشن کانپوءِ ڪيوري 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرون پاڻي پيتو ۽ هڪ مهيني ۾ 7 ڪلو وزن گهٽ ڪيو.