خانپور جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، چار ڄڻا قتل

0
225

خانپور/لکي غلام شاھ (نمائندن وٽان)  لکي غلام شاھ ۽ خانپور جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران چار ڄڻا مارجي ويا آھن

ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

رستم ٿاڻي جي حد ۾ ڪمالاڻي ۽ عطراڻي  جتوئي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾  رحم علي عطراڻي جتوئي مارجي ويو

ھڪ ڄڻي جي قتل بعد ھٿياربندن حملو ڪري وڌيڪ 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آھي،  پوليس ذريعن موجب ڪمالاڻي جتوئي ۽ عطراڻي جتوئي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي

ڌرين جي جھيڙي ۾ ڪمالاڻي ڌر جا  ٻھ ڄڻا سونارو ۽ سائينداد مارجي ويا آھن، ڌرين پاران ھڪٻئي تي فائرنگ جو سلسلو جاري آھي، جڏھن تھ جھيڙي ۾ وڌيڪ ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، مارجي ويلن جو انگ چار ٿي ويو آھي

خانپور: مقتولن جا لاش وارثن حوالي، عورتون ماتم ڪنديون رھيون

خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ عطراڻي جتوئي ۽ ڪمالاڻي جتوئي جي جھيڙي ۾ فائرنگ دوران قتل ٿيل ٽن ڄڻن سونارو جتوئي، سائينداد جتوئي، ميھار عرف کڳو ڪالاڻي جتوئي جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ خانپور اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

مقتولن جي وارثن عورتن مسمات سڪينه ، مسمات بيجل ۽ ٻين  ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته عطراڻي جتوئين ۽ ڪالاڻي جتوئين سان پراڻو ڪارنھن تڪرار ھلندڙ ھو جنھن جا فيصلا به پوليس آفيسرن پاران زور ڏئي ڪرايا ھئا پر فيصلو ڪندڙ اميرن پاران عمل نه ڪرايو ويو جنھن سبب ڌريون وڙھي رھيون آھن

ھوڏانھن پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آھن لاشن جي مٿان  وارث عورتون ماتم ڪنديون رھيون ۽ انصاف جو مطالبو ڪنديون رھيون

ايس ايس پي شڪارپور جي پي آر او موجب 10 ٿاڻن جي پوليس اي پي سي چين ساڻ ڪري فائرنگ بند ڪرائي جھيڙي تي ضابطو آندو آھي، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آھن جيئن ڪيس داخل ٿيا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف واقعن ۾ عورت سوڌو 3 ڄڻا قتل

چڪ ۾ پوليس جي موجودگي ۾ پيرسن سميت 3 ڄڻا قتل