چڪ ۾ پوليس جي موجودگي ۾ پيرسن سميت 3 ڄڻا قتل

0
204
چڪ ۾ پوليس جي موجودگي ۾ پيرسن سميت 3 ڄڻا قتل

چڪ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن پوليس جِي موجودگي ۾ پيرسن کي ٻن پٽن سوڌو گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو آهي

ايس ايڇ او چڪ تصديق ڪندي چيو ته هٿياربندن پهريان علي حسن بڊاڻي کي گوليون هڻي زخمي ڪيو، کيس پوليس موبائيل ذريعي لکي غلام شاهه جي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ 50 کان وڌيڪ هٿياربندن پوليس موبائيل کي روڪي زخمي، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي گوليون هنيون ۽ پوءِ فرار ٿي ويا

هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ پيرسن شهمير، سندس 2 پٽ علي حسن ۽ نويد بڊاڻي شامل آهن

هٿياربندن جي حملي دوران پوليس موبائيل ۾ ويٺل اهلڪار خوف وچان ڪجهه به نه ڪري سگهيا

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

ڪجهه سال اڳ سکر ۾ جلال شر نالي شخص جَي قتل بعد شر-بڊاڻي تڪرار شروع ٿيو هو