سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف واقعن ۾ عورت سوڌو 3 ڄڻا قتل

0
247

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف واقعن ۾ عورت سوڌو 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آھن

ٽنڊوجان محمد ويجهو چانهه ٺاهي نه ڏيڻ تان مڙس هٿان زال قتل ٿي وئي

ڳوٺ بالو جا ڪنب ۾ ڪرشن ڀيل  35ورهين جي زال پريمي ڀيل کي  ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو

مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي،  پوليس جوابدار ڪرشن ڀيل کي  گرفتار ڪري ورتو

 

ٺٽو: سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ نوجوان مارجي ويو

ٺٽو: سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ نوجوان مارجي ويو، ڳوٺ سومار ڪاتيار ۾ سڱاوتي تڪرار تان ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو

مارجي ويل 23ورهين جي نوجوان علي اڪبر ماڇي جو لاش واقعي واري هنڌ پيل، هڪ نوجوان زخمي پڻ ٿيو

ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، هڪ  جوابدار بلاول ماڇي کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ڪنب: ڳوٺ پير بخش ميرجت ۾ نينگر جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

ڪنب ويجهو ڳوٺ پير بخش ميرجت  ۾ نينگر جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آھي

 15ورھين جي غلام حسين پٽ غلام علي ميرجت جو ڳوٺ ٻاهران  وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو آھياطلاع تي ڪنب پوليس واقعي واري  هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي  اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو