سکر (بيورو رپورٽ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ماتحت ڪاليج سائيڊ ايم اي، بي اي، بي ايس سي، بي ڪام جي امتحاني سلپس ۾ انيڪ غلطيون، مرد اميدوار جي سلپ تي ڇوڪريءَ جي تصوير لڳل، ڪجهه اميدوارن جي سلپس تي تصوير ئي نه لڳائي وئي، نالا ۽ سبجيڪٽ به غلط لکيا ويا. ان ڏس ۾ سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن سکر ريجن جي صدر پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو مطابق سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي مختلف ڪاليجن مان شڪايتون مليون آھن ته شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور يونيورسٽي طرفان اميدوارن جي اماڻيل امتحاني سلپس ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون ويون آھن، مرد اميدوار جي سلپ تي عورت اميدوار جي تصوير لڳل آھي، ڪن سلپس تي تصويرون ئي ناھن لڳل، جڏهن ته وڏي انگ ۾ سلپس تي سبجيڪٽ ئي نه ڄاڻايا ويا آهن. ھن ٻڌايو ته گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺل جي پرنسپل وڏي انگ ۾ سلپس اماڻيون آھن، جن ۾ سبجيڪٽ ئي ناھن لکيا، جيڪڏھن لکيل آھن ته انھن مان اڪثر غلط آھن. ھن ٻڌايو ته 8 ڊسمبر تي ڪاليج سائيڊ امتحان رٿيل آھن پر اڃا تائين يونيورسٽي اختياريون درست امتحاني سلپس نه پهچائي سگھيون آهن، اِن سان گڏ اماڻيل سلپس ۾ وڏي پئماني تي غلطين جي نشاندھي ٿي آھي، جن کي درست ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي يونيورسٽيءَ جي ترجمان پروفيسر تاج محمد لاشاريءَ ٻڌايو ته اهي ٽائپنگ جون غلطيون آھن جن کي جلد درست ڪيو ويندو.