حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي سفارشن تحت سنڌي نه پڙهائيندڙ خانگي اسڪولن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي پڌرائي مطابق سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري  ۾ شڪايتي مرڪز قائم ٿيل آهي. ان شڪايتي مرڪز ۾ موصول ٿيندڙ شڪايتن جي ٻئي مرحلي ۾ چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو پاران لکيل خط جي موٽ ڏيندي ڊائريڪٽر رجسٽريشن (خانگي اسڪول) ڪراچي رفيعه جاويد طرفان لاڳاپيل ريجنز ۽ ضلعن جي ڊائريڪٽرن کي نشاندهي ڪيل تعليمي ادارن خلاف قدم کڻڻ ۽ انتظاميا کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪرڻ جا خط لکيا ويا. انهن تعليمي ادارن ۾ ڪراچيءَ جي ٽن مختلف اسڪولن، حيدرآباد جي ٻن، سانگهڙ جي هڪ ۽ نوابشاهه جي ٻن اسڪول بابت شڪايتن جا تفصيل ۽ اٿارٽيءَ پاران سفارشون موڪليون ويون هيون. شڪايت مرڪز جي انچارج شوڪت چاچڙ موجب سيپٽمبر مھيني ۾ پھتل شڪايتن جي نتيجي ۾ ٻن وڏن خانگي اسڪولن جي انتظاميا طرفان سنڌي مضمون روزانو پڙهائڻ وارو نئون ٽائيم ٽيبل ۽ سنڌي استادن جي مقرري جا تفصيل اختيارين کي موڪليا ويا هئا. انهن شڪايتن تحت خانگي اسڪولن جي اختيارين ڪارروائي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.