ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ترقياتي ترقياتي فنڊن ۾ لڳل گهوٻين، بند اسڪولن کولڻ ۽ سرڪاري زمينن جي جعلي داخلا بابت عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري، بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر ، لينڊ يوٽيلائيزيشن جي ميمبر، ڪراچي جي ڪمشنر ، ٿر ڪول تي ڪم ڪندڙ سائنو سنڌ ري سورسز ڪمپني سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. قانوندان اشرف سمون پاران داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته مختلف ضلعن جي ترقياتي فنڊن ۾ ڪرپشن ۽ ڪراچي جي سرڪاري زمينن جي جعلي داخلا بابت هاءِ ڪورٽ جي جج کان عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٺٽي، بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ سرڪاري آفيسرن، وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبر اربين رپين جي ترقياتي فنڊن مان ڪميشن حاصل ڪئي آهي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ آر او پلانٽس جو منصوبو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو، درخواست ۾ چيو ويو ته گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن کي زمينن جو معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، پٽيشنر موجب سرڪاري اسپتالن جا دوائن، سامان جي خريداري سميت ترقياتي فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، هن وقت عوام علاج جي سهولت ۽ دوائن کان محروم آهي، اسڪول بند ٿيڻ ۽ ناقص تعليم سبب غريب عوام جو اولاد بهتر تعليم کان محروم آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن جون جعلي داخلائون ڪيون ويون آهن، جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن ته ڪميشن وصولي ۾ ملوث اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت رد ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وڃي.