پنگريو (ن پ ا)  لاڙ جي لال سيد سمن سرڪار جو 91ھون ساليانو عرس ۽ ميلو جاري آهي. درگاه جي گادي نشين سيد علي بخش شاهه پ پ اڳواڻ غلام قادر مري ايڊ منسٽريٽر اوقاف ڊاڪٽر نوراحمد پھوڙ  پ پ اڳواڻ قبول محمد کٽياڻ ۽ ٻين درگاه تي چادر چاڙھي دعا گھري. انھي موقع تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ھنن چيو ته درگاھون امن  ڀائيچاري جا آستانا آھن جتي بنان رنگ نسل جي زائيرين اچي دلي سڪون حاصل ڪن ٿا. ھن ڀيري برساتن ۽ ٻوڏن ماڻھن کي سخت پريشان ڪيو، جنھن ڪري مليو ھڪ مھينو دير سان لڳڻ باوجود به زائيرين جو وڏو انگ ميلي ۾ پھتل آھي، جن جي  لاء  رھائش پاڻي ۽ ميڊيڪل جون سھولتون  قائم ڪيون ويون آھن. ٻي پاسي  لاڙ جي لال جي ميلي ۾ ڪڪڙن جا نذرانا کڻي ھزارين زائيرين پھچي رھيا آھن ميلي ۾ عام زائيرين مٺائي ڦلا ڪشمش ۽ ڏونگھين جي مٺائي جي وڏي اگھ جون شڪايتون پڻ ڪيون جنھن کانسواء ٿري اٺن جو وڏو واپار ٿيو جنھن ۾ ٿري ۽ ڍاٽي اٺ 2لک کان 6لک تائين وڪرو ٿيا سنڌي۽ کارائي  نسل جي اٺن جو وڪرو 3لک کان 8لک تائين ٿيو ھوڏانھن سرڪس ٿيٽر ۽جھولن تي عورتن ٻارن سميت پانڌيئڙن جي وڏي رش لڳل آھي.