قمبر ( رپورٽر) قمبر پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي،  زخمي ڦورو جي سڃاڻپ الطاف بليدي طور ڪئي وئي آھي گرفتار ڏوهاري قمبر جي ڳوٺ شير محمد بليدي جو رهواسي آھي پوليس جو چوڻ آھي ته ميروخان روڊ تي اڇي مسجد ڀرسان ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن جو سٽي ٿاڻي جي پوليس سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو آھي جڏھن ته 2 هٿياربند فرار ٿي ويا آھن جن جي گرفتاري لاءِ روڊن رستن جي ناڪا بندي ڪئي آھي زخمي کي اسپتال داخل ڪرايو آھي  گرفتار جوابدار مٿان قمبر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 6 کان وڌيڪ ڦرن ڌاڙن سميت سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آھن.