لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پوليس وردي پهريل اهلڪار جي موٽرسائيڪل چوري جي ڪوشش جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا، وڊيو به وائرل، ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد فروٽ مارڪيٽ ٻاهران پوليس وردي پهريل اهلڪار طرفان موٽرسائيڪل چوري جي ڪوشش جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن، جنهن ۾ صاف ڏسجي سگهجي ٿو ته فروٽ مارڪيٽ ٻاھران پوليس وردي پھريل نوجوان موٽرسائيڪل جو تالو ٽوڙيندي نظر اچي پيو جنھن کي پسٽل لڳل ۽ ھٿ ۾ ٿيلهي ۾ پڪڙ ۽ پانا به آهن. علائقي واسين جي چرپر سبب موقعي تان موٽرسائيڪل ڇڏي ساٿي سان ٻئي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي نڪري وڃي ٿو. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته موٽرسائيڪل شهري ساجد مگسي جي آهي، جنهن وردي پهريل نوجوان خلاف حد جي حيدري ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي، هوڏانهن ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي حيدري اسدالله ڀٽي کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي چيو آهي ته وردي پهريل شڪي ماڻهو جي سڃاڻپ سان گڏ واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهيا آهيون. تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.