دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ويجهو ڳوٺ بودلو ڏاھري ۾ گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيل گادي نشين نور محمد شاهه جي معصوم نياڻي زينب جو لاش سول اسپتال نوشھرو فيروز مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ آھي ته ٻارڙي جو لاش 18 ڪلاڪ پراڻو ھو، وڌيڪ جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا آھن، جتان رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي، علائقي ۾ چوٻول آھن ته گھرو تڪرار تان معصوم نياڻي زينب کي قتل ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آھي ته ٻارڙي کي بيگناهه گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن دريا خان مري پوليس نينگري کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ ڄڻي سيد سبب علي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آھي، پوليس موجب جوابدار معصوم نياڻي کي بنگلي اندر گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش ٻوري ۾ بند ڪري درگاهه سيد سليمان شاهه اول جي ڀرسان اڇلائڻ جو اعتراف ڪيو آھي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سيد خير محمد شاهه، زين چانڊيو ۽ ذالفقار چانڊيو سميت 5 ڄڻن کي پوليس شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو آھي جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب علي جواھري نينگري زينب جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، جنهن بعد ايس ايس پي نوشھرو فيروز جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آھي.