لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ فيصل ڪالوني واسين گلشير کھاوڙ، حاجي خان محمد، سعيد ميراڻي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته برساتي پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، فيصل ڪالوني مان پاڻي نيڪال نٿو ڪيو وڃي، نوٽيس وٺي ڪالوني مان پاڻي نيڪال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.