حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ 11 مهينا اڳ مبينا طور قتل ٿي ويل عثمان سومرو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف سومرا ڌر جي سڏ تي نسيم نگر کان ريلي ڪڍي ٿڌي سڙڪ وٽ شهباز بلڊنگ آڏو ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيسن آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو. طيب سومرو، ممتاز سومرو، عبدالطيف سومرو، عزيز سومرو ۽ ٻين چيو ته قاسم آباد جو اڳوڻو مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي قتل ڪيس ۾ نامزد آهن پر تنهن باوجود سنڌ جي روينيو کاتي نامزد جوابدار مختيارڪار ماجد خاصخيلي کي مٽياري جو مختيارڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪا ساڻن انصافي آهي کيس هٽائي گرفتار ڪيل 16 ڄڻا آزاد ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو. ٻئي پاسي آزاد نگر جي رهواسي پورهيتن بااثر ماڻهن خلاف ٽنڊو حيدر کان ڊي آءِ جي آفيس ۽ ايس ايس پي آفيس بعد پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. نانجي ڀيل، سومار ڀڳت، لالي ڪولهڻ ۽ ٻين چيو ته پنهون ڀيل، وڪيلان راجپوت، ساجد ۽ صابر ملي ڀڳت ڪري ڳوٺ وارن کي لڏائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. هي سنڌ سرڪار پاران رهڻ لاءِ مليل زمين تي به قبضي جي ڪوشش پيا ڪن. ڳوٺاڻن کي پڻ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.