راڄوخاناڻي ( ن پ ا) راڄوخاناڻي شھر جو گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ھن جديد دور ۾ به بجلي، پاڻي ۽ واش رومن جھڙي بنيادي سھوليتن کان محروم آهي، جنهن سبب پري پري کان ايندڙ ماسترياڻيون ۽ شاگردياڻيون سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيون آھن. ھيڊ ماسترياڻي پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته اسڪول ۾ بجلي ڪونھي جنھن ڪري گرمي سبب معصوم نياڻين جو بيھوش ٿيڻ معمول بڻيل آھي پيئڻ جي  پاڻي جو به ڪو بندوبست ڪونھي مسلسل ٽن ڏينھن کان وسندڙ برسات سبب اسڪول ۾ ڏيڍ کان ٻن فوٽن تائين پاڻي بيھجي ويو آھي اسڪول طرف به ڌيان ڏئي مسئلا حل ڪرايا وڃن.