لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 3 جي  ڊي اي جي چيئرمين جي اميدوار نوجوان رافع علي عباسي علائقن جا دورا ڪري ماڻهن جي حمايت حاصل ڪري ورتي، مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي رافع علي عباسي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي عوام کي پيپلز پارٽي نڌڻڪو بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته شهرين کي اپيل ٿي ڪجي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن.