ميھڙ (رپورٽ عبدالرحمن قمبراڻي) ميهڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان فارمن  جي ڇنڊ ڇاڻ وارو مرحلو پورو ٿي ويو آھي. ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن تي 113 جنرل ڪائونسلر جا فارم بحال ڪيا ويا  ۔ جڏهن ته ميونسپل ميهڙ جي اميدوارن مان صرف  9 اميدوارن جا  فارم  اعتراضن ۽ اڻ پورا هجڻ سبب رد ڪيا ويا آھن ۽ ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي 9 وارڊن تي 81 فارم بحال ۽  ھڪ اميدوار جو فارم رد ٿي ويو ۔ جڏھن ته ٿرڙي محبت ٽائون ڪاميٽي جي پنج وارڊن تي 28 فارم بحال ۽ ٻن اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا آھن ھوڏانھن ميھڙ تعلقي جي 20 يونين ڪائونسلن ۾ مجموعي طور 465 فارمن مان 41  اميدوارن جا فارم رد ۽ 424 ضلع ڪائونسل چيئرمين وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلرن جا فارم بحال ٿي ويا آھن ميھڙ جي 20 يونين ڪائونسل ، ٻن ٽائون ڪميٽي ۽ ھڪ ميونسپل ڪاميٽي تي پ پ ، پي ٽي آء ،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ، قومي عوامي تحريڪ ، عوامي تحريڪ،جي يو آء ،پ پ شھيد ڀٽو،مذھبي جماعتن سميت آزاد حيثيت رکندڙ 646 اميدوارن جا فارم بحال ٿي ويا آھن ۽ نامينيشن فارم رد ٿيندڙ اميدوارن کي ھاء ڪورٽ مان فارم بحال ڪرائڻ جو موقعو پڻ ڏنو ويو آھي . ھوڏانھن پ پ پ ۽ پي ٽي آء جي قيادت پاران آزاد اميدوارن سان رابطا ڪري پنھنجن اميدوارن جي حق ۾ ھٿ کڻائڻ جو سلسلو  پڻ شروع ڪيو ويو آھي.