لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ سول سوسائٽي ۽ پاڪستان پيٽرياٽڪ موومينٽ طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيٽرياٽڪ موومينٽ پاران لياقت ابڙو، يونس ابڙو، نظر حسين، راجا منير جتوئي، عبدالجبار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪب آباد ۾ سول سوسائٽي پاران شهيد الهه بخش سومرو پارڪ کان حاڪم علي ايري، گلشير خان بروھي ۽ پرويز سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون، فوج خلاف پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، هنن چيو ته ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام پاڪ فوج ۽ ملڪ خلاف ٿيندڙ ھر سازش کي ناڪام ڪندو.