لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي جي تعلقه، نئون ديرو ۽ باڊهه پوليس پاران ڌار ڌار مقابلن ۾ 3 ڄڻن کي هاف فراءِ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ نئون ديرو پوليس مبينا مقابلي ۾احسان ولد سانول خان جمالي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان وٽان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي.  پوليس ترجمان موجب جوابدار وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم ڏوهاري آهي، جنهن مٿان مختلف ٿاڻن تعلقه، ماهوٽا ۽ نئون ديرو ٿاڻن تي 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، زخمي جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن تعلقي ٿاڻي جي پوليس مبينا مقابلي ۾ثقلين حيدر پٽ نزاڪت قريشي کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن ماهوٽا تعلقو سميت ٻين ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدار 3 ڏينهن اڳ ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس اهلڪار بشارت چنو کي زخمي ڪيو هو. باڊھ پوليس مبينا مقابلي ۾ فدا حسين عرف نديم ولد حبيب الله خروس کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدار لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ ٿيل وارداتن ۾ ملوث آهي جنهن تي رشيد وڳڻ، رتوديرو، قمبر سٽي باڊهه ٿاڻن تي 6 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.