ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ 12 ڊسمبر 2022ع تي ڏيڍ مهينو اڳ رات جو اڍائي وڳي گشت دوران ڊيوٽي ڪندي هٿياربندن ھٿان شھيد ڪيل پوليس ھيڊ ڪانسٽيبل غلام قادر کوسي جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف  اهلڪار جي وارثن ۽ کوسا برادري جي ماڻهن پاران ڪوٽڙي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ المدينه چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  مولائي نوح کوسو، علام مصطفي’ کوسو، غلام قاسم کوسو، نصرالله کوسو ۽ ٻين چيو ته  پوليس پنهنجي ئي پٽي ڀائي جي ناحق خون تي به خاموش آهي، خبر ناهي ته شهيد اهلڪار جي قاتلن کي زمين ڳھي وئي يا آسمان کڻي ويو جو اڄ تائين شھيد اھلڪار جي ناحق خون سان انصاف ناھي ٿي سگھيو. اڳواڻن ڄامشورو پوليس خلاف سخت ڪاوڙ ڪندي چيو ته پوليس ڏوهارين کي هٿ سان پالي ڏوھ ڪرائي پئسا ڪمائي ٿي، منشيات وڪرو ڪري ٿي پر پنهنجي ئي کاتي جي قتل ڪيل اهلڪار جي قاتلن کي پڪڙڻ لاء ڪک ڇني ٻيڻو ڪرڻ لاء تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته  مقتول اهلڪار جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.