لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو فيصلو: فوري چونڊون ملڪ جي ضرورت آهن: عمران خان

0
307
لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس، فوري عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ لاهور کان اسلا م آباد تائين ٻن هفتن اندر لانگ مارچ جي تياري مڪمل ڪرڻ ۽ مارچ جي تاريخ جو اعلان هلندڙ مهيني جي آخري هفتي دوران ڪرڻ تي اتفاق، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوري عام چونڊون تحريڪ انصاف جي نه پر ملڪ جي ضرورت آهن

تفصيل موجب  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ملڪ اندر جلد عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪرڻ جي حوالي سان پنجاب، ڪي پي ڪي سوڌو ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ پارٽي جي قيادت کي ٻن هفتن ۾ لانگ مارچ ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي

ذريعن مطابق اجلاس ۾ لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اجلاس دوران پي ٽي آءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ اڳواڻن سوڌو مختلف اڳواڻن لانگ مارچ لاهور کان شروع ڪري اسلام آباد طرف آڻڻ جي تجويز ڏني، اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته عوام اسان سان گڏ آهي، اسان کي جلد چونڊن طرف وڃڻو آهي، فوري عام چونڊون تحريڪ انصاف جي نه پر ملڪ جي ضرورت آهن

هن چيو ته پرويز الاهي عملي سياستدان آهي، اسان کي ان جو ڀرپور ساٿ ڏيڻو آهي، انقلاب جي اسان جي چائنٺ کي کڙڪائي رهيو آهي، جڏهن ته عمران خان سان پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ 4 قراردادون منظور ڪيون ويون، پهرين قرارداد ۾ ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي عمران خان پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيليٿون جي قدمن جي حمايت ڪئي وئي، ٻي قرارداد ۾ موجوده حڪومت کي امپورٽيڊ حڪومت قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ان کي اسان معيشت جي تباهي ۽ عوام مٿان مهانگائي جي بار جي مذمت ڪيون ٿا، ٽئين قرارداد ۾ عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته چوٿين قرارداد ۾ تحريڪ انصاف خلاف سرڪاري وسيلن ذريعي پروپيگنڊا مهم هلائڻ جي مذمت ڪئي وئي آهي

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير تي اعتماد جو به اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان جي صدارت ۾ پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ڪابينا جا ميمبر به موجود هئا، مهانگائي جي طوفان خلاف تحريڪ انصاف آواز اٿاريندي، هن هفتي کان ضلعي هيڊڪوارٽرن تي مهانگائي خلاف احتجاج ڪيا ويندا، اجلاس ۾ تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ جو به فيصلو ٿيو، اسان جو مطالبو صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ جو آهي، پر حڪومت چونڊن کان ڀڄي رهي آهي، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي، ٻوڏ ۾ سنڌ صوبي جا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪومت رليف جي ڪمن ۾ به غفلت جو مظاهرو ڪيو، مفاد پرست ٽولي پنهنجون زمينون بچائي غريب عوام جي آبادي طرف ڪٽ لڳايا، اٽي جي قيمت به مسلسل وڌي رهي آهي

چونڊون ملڪ جي ضرورت بڻجي ويون آهن، جڏهن ته ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڳالهيون ميڊيا ۽ عوام سامهون ٿيڻ گهرجي، بند ڪمرن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ جو وقت گذري ويو آهي، هن چيو ته بقول وفاقي وزير خرم دستگير جي ته پاڪ فوج جي سربراهه جي مقرري هڪ ڪرمنل شخص ڪندو ڇا ان ۾ اداري جي عزت ۾ اضافو ٿيندو، اهي سموريون ڳالهيون رڳو اسان جي سوچڻ جون ناهن، انهن کي به سوچڻو آهي ته ڪهڙن قدمن سان انهن جي عزت ۽ احترام وڌندو، ڪهڙن سان گهٽ ٿيندو، اسان ان مامري تي ڪو به تڪرار نه ٿا پيدا ڪرڻ چاهيون، ادارن سان سٺا تعلقات چاهيون ٿا، ان سان ملڪ مضبوط ٿيندو،  هن چيو ته پارليامينٽ جي مدت ۾ توسيع جي خواهش رڳو مولانا فضل الرحمان جي آهي، ان کي جڏهن کان مواصلات وزارت ملي آهي هنن جي ملڪ جي سمورن روڊن تي نظر آهي، رڳو مولانا فضل الرحمان جي دل نه ٿي چاهي باقي پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون ان تي راضي آهن ته چونڊون ٿين، اسان نگران حڪومت ڊگهي مدت جي نه ٿا چاهيون، مهانگائي ۽ موجوده حالتون سياسي استحڪام کانسواءِ بهتر نه ٿينديون، ادارن جي مضبوطي سان ملڪ مضبوط ٿيندو آهي، ادارن کي پنهنجو سياسي ڪردار گهٽ ڪرڻو آهي، سياسي پارٽيون پنهنجا مامرا پاڻ طئه ڪن اهو بهتر آهي

ھي به پڙھندا

مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

عمران خان ڀلي ڪال ڏي، حڪيم ثناءُ الله انتظار ۾ ويٺو آهي: فضل الرحمان