مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

0
271
مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس  ۾ سرڪاري ٽي وي جو ايم ڊي راشد بيگ ۽ پروگرام پروڊيوسر به جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن

پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

پنجاب جي گھرو وزير موجب ليگي اڳواڻن خلاف لاهور جي گرين ٽائون ٿاڻي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيو آهي، ڪنهن کي به مذهبي نفرت ڦهلائڻ ۽ تشدد تي ڀڙڪائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات

عمران خان ڀلي ڪال ڏي، حڪيم ثناءُ الله انتظار ۾ ويٺو آهي: فضل الرحمان