سنڌ جي مختلف شھرن مان 3 لاش ھٿ

0
350

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شھرن مان 3 لاش ھٿ آيا آھن، ڪرونڊي ڀرسان 3 ڏينهن کان گُم ڄاڻايل نوجوان غلام قادر راڄپر جو لاش هٿ آيو آھي،  ڳوٺ الهرکيو راڄپر واسي نوجوان جو برساتي پاڻي مان لاش ڪڍيو ويو

ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته آئي ڏينهن ڪو نه ڪو ماڻهو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿئي ٿو، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اپاءَ نه ورتا آھن

 شهدادپور ۾ اسپتال جي احاطي ۾ اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ، پوليس لاش مرده خاني منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي منشيات واپرائيندو هو، وارثن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي

اڏيرو لال ڀرسان روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ ڇنڻ جي در وٽ لاش هٿ آيو آھي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته لاش ڳريل حالت ۾ آهي، اطلاع ڏيڻ باوجود سيکاٽ پوليس لاش ڪڍڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ 68 لک ماڻهو بي گهر، رڳو 2 لک خيما ۽ 6 لک راشن بيگ تقسيم، امدادي سامان جي ورڇ بابت تفصيل سامھون اچي ويا

ڪراچي: خدا جي بستي مان 12 سالن جي نينگري گم، اغوا جو شڪ ظاهر