گجرانوالا(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ ۾ به گهڙي چور جا نعرا لڳي ويا. لانگ مارچ جي ٽي روڊ تان گذري رهيو هو ته روڊ جي پاسي ۾ بيٺل ماڻهن چور چور گهڙي چور، نيازي گهڙي چور جا نعرا هنيا. هنن عمران خان کي چور قرار ڏنو. اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ حڪمران مسلم ليگ نواز جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ان کي شيئر ڪندا رهيا.