ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، ان ڏس ۾ خانگي اسڪولن واري حيدرآباد جي ڊائريڪٽر محمد علي جي موڪل تي وڃڻ دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر نصرت سهتو کي ڊائريڪٽر جي اضافي چارج سونپي وئي، جڏهن ته سائيٽ جي ايم ڊي منور مهيسر کي ثقافت کاتي ۾ ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سيڪريٽري پرويز بلوچ کي بدلي ڪري تعليم کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن تعليم کاتي پاران مختلف ضلعن ۾ ڀرتي ڪيل  پرائمري ۽ جي ايس ٽي استادن جي تربيت لاءِ مختلف اسڪولن جي 290 سبجيڪٽ اسپيشلسٽن، هيڊماسترن ۽ ماسترن کي مقرر ڪيو ويو آهي.