ق ليگ کي اسان بھتر آفر ڏئي سگھون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

0
1431
ق ليگ کي اسان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پيپلز پارٽي بي اعتمادي رِٿ ۾ حمايت لاءِ ق ليگ جي مطالبن کي مناسب قرار ڏيندي نواز ليگ مان لچڪ جي اُميد ظاهر ڪئي آهي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ق ليگ کي اسپيڪر بڻايو آهي، اسان کين بهتر آفر ڏئي سگهون ٿا، ق ليگ مفت ۾ ته ووٽ نه ڏيندي، سندن مطالبو مناسب آهي

هن چيو ته پ پ دل وڏي ڪري شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ جي قرباني ڏئي سگهي ٿي ته نواز ليگ مان به لچڪ جي اُميد آهي، هن وقت فرد يا پارٽي جو فائدو پاسيرو رکي ملڪي مفاد ۾سوچڻ گهرجي

هن چيو ته عمران خان جي گهر وڃڻ بعد نئون سيٽ اپ محدود مُدي لاءِ هوندو، اُن جي ذميواري چونڊ سڌارا ۽ چونڊون ڪرائڻ هوندي، اڳواڻن کي اهڙيون ڪالز نه آيون آهن، جيڪي پهرين اينديون هيون، اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪوئي غير جمهوري ڪم نٿي ڪري سگهي، سموريون سياسي پارٽيون عدم اعتماد تي متفق آهن، اسان ڪافي عرصي کان عدم اعتماد تي ڪم ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته ڪير ڪير اسان سان رابطو ڪري رهيو آهي وقت اچڻ تي سمورا ڪارڊ سامهون آڻينداسين، پر هاڻي ڪجهه نٿا ٻڌائي سگهون

هن چيو ته عدم اعتماد ذريعي وزيراعظم کي ڪرسي تان هٽائينداسين، يوسف رضا گيلاني جي اليڪشن ۾ هڪ ٽريلر ڏيکاريو هو، اميد آهي ته عدم اعتماد ذريعي عمران خان کي پارليامينٽ ۾ هڪ وڌيڪ شڪست ملندي

مولانا فضل الرحمان جي بي اعتمادي واري رٿ لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت بابت پڇيل تي هن چيو ته هو مولانا جي بيان تي تبصرو نٿو ڪري سگهي پر اسلام آباد پهچڻ کان اڳ خان صاحب وٽ ٻه آپشن آهن، هو استعيفيٰ ڏئي ۽ ٻي اسيمبلي ٽوڙي نيون چونڊن جو اعلان ڪري، نه ته اسلام آباد پهچي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين

تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابي کانپوءِ صورتحال تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايندڙ سيٽ اپ مختصر مدي جو هوندو، نئين سيٽ اپ جو واحد مينڊيٽ شفاف چونڊون هونديون

ھي به پڙھندا

مولانا فضل الرحمان پاران ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان